غوثپور ۾ حادثي سبب فوت ٿيل ٻن ڄڻن جي تدفين

غوثپور ( ن ع آ ) غوثپور 2 ڏينهن اڳ خان پور انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل دڙي سندراڻي رھواسي سيد  عنايت شاه ۽ غوثپور ملڪ محلي جو رھواسي نوجوان راحب علي ملڪ جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس جي نماز جنازه سيد محمد شاھ جيلاني پڙهائي. جنازي نماز کان بعد مرحوم عنايت شاھ کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. علائقي جي سياسي سماجي تنظيم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري هوڏانهن جي يوآء جي سرپرست اعلي بزرگ شخصيت سيد محمد شاھ جيلاني ۽ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ۽ مير راشد خان سندراڻي ؛سيد بشير احمد شاھ جيلاني سيد فيض الرحمن شاھ. سيد الله ڏيوايوشاه غوثپور جو صحافي عبدالغفار اوڳاهي ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.