منظور وساڻ خلاف اثاثن جي ريفرنس لاءِ جاچ مڪمل، ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال  ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ نيب جي وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي  وزير منظور وساڻ خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، عدالت کي آگاهي ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ  چيو آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ جا تفصيل نيب هيڊڪوارٽر اُماڻيا ويا، هيڊڪوارٽر طرفان ڪجهه اعتراض لڳايا ويا آهن، جِن کي ختم ڪيو پيو وڃي، عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کان هيل تائين ٿيل جاچ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.