انتظار قتل ڪيس، مک شاهد مديحه ڪياني پيش، بيان رڪارڊ

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انتظار حسين قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران مرڪزي شاهد مديحه ڪياني پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي  ڇڏيو آهي .هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ۽ انتظار هڪ گاڏي ۾ هئاسين ٻه گاڏيون اسان سان گڏ هلي  رهيون هيون،  هنن اسان کي روڪڻ جو چيو نه بيهڻ تي  فائرنگ شروع ٿي وئي . ان کان پوءِ رڪشا رواني ٿي ويس، ان واقعي کان پوءِ مون کي هراسان ڪيو ويو، ڪاظم نالي شخص مون کي پنهنجي مرضي جو بيان ڏيڻ جي لاءِ چيو،  پهرين وڪيل پنهنجي مرضي جو بيان جو چيو هو،  پر مان انڪار ڪيو .جوابدارن جي وڪيلن پاران آڏي پڇا مڪمل ٿي وئي. ، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.