گم ٿيلن جا وارث سندن آزادي لاءِ دربدر، پيارن جي پريشاني ۾ بيوسي جي تصوير بڻيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف سنڌ سڀا جي تحريڪ لاڙڪاڻي پهچي وئي، شهر جي جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري 24 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ  سڀا تحريڪ سنڌ جي صدر سنڌي انعام، نعيم سنڌو، وائيس فار مسنگ پرسنز جي اڳواڻ سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو سميت کنڀي گم ڪيل شاھد جوڻيجو، مرتضيٰ جوڻيجو، شيراز سومرو، فراز سومرو، انصاف دايو، ڪاشف ٽڳڙ، مرتضيٰ سولنگي، عمر مغيري، بشير جتوئي، عاقب چانڊيو، ايوب ڪانڌوڙو کان علاوه لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيلن جي وارث عورتن شبانه جوڻيجو، انڌرا شاهد جوڻيجو، شهزادي جوڻيجو، مختيار بيگم چانڊيو، رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءَ الدين مغيري، مردن ۽ ٻارڙن توڙي سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪئمپ ۾ چئني طرف کنڀي گم ڪيلن جون تصويرون لڳائڻ سان گڏ اڳواڻن ۽ وارثن پاران نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌي انعام چيو ته سنڌ مان قومپرست، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌ جي سياسي آواز کي دٻائڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون ڪيون وڃن ٿيون جنهن ڪنهن به صورت قبول نه آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.