وفاق ٻيٽن بابت هوڏ تي قائم، سنڌ سرڪار ۽ سول سوسائٽي کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ پنهنجي ضد تي قائم آهي. جڏهن ته سنڌ  جي گورنر عمران اسماعيل سنڌ سرڪار کي ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ  تي شهر اڏڻ لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. گورنر جو چوڻ آهي ته آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس تي سنڌ سرڪار جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. آرڊيننس ۾ تڪراري شيون ڪڍي نيون شيون شامل ڪري سگهجن ٿيون. آرڊيننس تي قوم پرست تنظيمن ۽ سول سوسائٽي سوڌو سمورين ڌُرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. آرڊيننس غير آئيني نه آهي ۽ نه اهو قانون جي اُبتڙ آهي. ننڍن اختلافن ۽ غلط فهمين کي ختم ڪيو ويندو، ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان سياحت کي هٿي ملندي ۽ سمورو روينيو سنڌ سرڪار کي ملندو. هن چيو ته  ٻيٽ اسلام آباد يا پنجاب منتقل نه پيا ٿين،  اُهي سنڌ ۾ ئي رهندا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران گورنر چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ٻيٽن تي سمورا خدشا ختم ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت جي سهڪار کانسواءِ منصوبو مڪمل نٿو ٿي سگهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.