اسان به وزيراعظم کي نوٽيس ڏينداسين: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (بيورو+ م ڊ )  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاسم خان رمارڪس ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي  فائز وزيراعظم کي صحيح نوٽيس اماڻيو، اسان به کيس نوٽيس موڪلينداسين. ڪرتاپور روڊ جي تعمير بابت شگر ڳڙهه بار ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪرتاپور پراجيڪٽ ڪيئن حڪومت ٺاهيو؟ مذهبي عقيدت مند جيڪڏهن لاهور کان ڪرتاپور وڃن ته روڊ جي حالت خراب آهي، اوهان ڪا نئين جڳهه ناهي ٺاهي، هي ته مذهي جاءِ آهي، حڪومت کان پڇيو ته ڇا ڪرڻ چاهي ٿي. مواصلات جي آفيسر جواب ڏو ته کيس ڄاڻ ناهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي آئيني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، ان تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحيح نوٽيس ڏنو، اسان کي به وزيراعظم سميت ٻين کي صوبائي حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت تي نوٽيس جاري ڪنداسين، هي ته حڪومت جو وڏو لطيف ٿي ويو، اربين رپيا وزيراعظم ۽ وڏو وزير پنهنجي ضلعي تي خرچ ڪري رهيا آهن، هي قومي مفاد جو روڊ آهي پر اتي خرچ نٿو ڪيو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.