عمران خان مڃيو ته نواز شريف کان استعيفيٰ گهري وئي: ن ليگ

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي،  حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت جي نااهلي سبب معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، کنڊ ، اٽو، بجلي ۽ گيس مهانگيون ٿي چڪيون آهن،پر وزير اعظم کي غريبن جو ڪوبه احساس ناهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  شاهد خاقان عباسي  چيو ته سڀاڻي اسان جو جلسو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شام جو اجلاس گهرايو آهي.هن چيو ته اپوزيشن  کي ڌمڪيون ڏيڻ کانسواءِ  وزيراعظم ملڪ  جي پريشاني جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري.هن چيو ته اسان پارليامينٽ جو احترام ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.