پي ڊي ايم جو اڄ جلسو، بلاول، مريم ۽ فضل الرحمان قافلن جي صورت ۾ پهچندا

لاهور/ گوجرانوالا /اسلام آباد ( م ڊ ) 11 اپوزيشن پارٽين جو گڏيل اتحاد ( پي ڊي ايم ) اڄ  هرين سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندو، گوجرانوالا جي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ن ليگ چيو آهي ته جلسي کي روڪڻ لاءِ رينجرز کي استعمال ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ذميوار هوندي.  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ تحت اپوزيشن جو پهريون جلسو سڀاڻي ٿيندو، جنهن جي حڪومت پاران آخرڪار اجازت ڏني وئي آهي. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اطلاعات واري سيڪريٽري ميان افتخار جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين جا قائد چونڊيل هنڌن تان جلوسن جي قيادت ڪري رات 8 وڳي گوجرانوالا اسٽيڊيم ۾ ايندو، صدر پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز لاهور، جڏهن ته بلاول ڀٽو لالا موسيٰ کان نڪرندو. هن چيو ته اسان حڪومت جي خاتمي ۽ ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان جهنڊا کڻي اچي سگهون ٿا ته ماسڪ به کڻي اينداسين.  هوڏانهن مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته کيس نارووال مان اطلاع ملي رهيو آهي ته انتظاميه رينجرز سان رابطو ڪري رهي آهي، مان اڳوڻو گهرو وزير رهيو آهيان، ڄاڻان ٿو ته سول آرمڊ فورسز سياست کان مٿانهون هونديون آهن، اميد ڪيان ٿو ته رينجرز ۽ سول آرمڊ فورسز جن جا سربراهه اسان جي فوج جا سينيئر آفيسر هوندا آهن، انهن کي سياسي تڪرار ۾ شامل نه ڪيو ويندو، جنهن سان ادارن جو وقار مجروع ٿئي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اميد ڪيان ٿو ته انتظاميه اسان جي پر امن قافلن ۽ جلسن ۾ رنڊڪون نه وجهندي، ڇو ته ملڪ هن وقت ڏڦيڙ کي منهن نٿو ڏئي سگهي. هن واضح ڪيو ته پر امن جلسو ڪري رهيا آهيون، پر امن جلسي کي تشدد سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ذميوار حڪومت هوندي، اسان ڪنهن پوليس گردي کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.