ڪراچي ۾ شارٽ سرڪٽ گهر اجاڙي ڇڏيو، ٻه ٻارڙيون سڙي فوت

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٻه معصوم ڀينرون سڙي فوت ٿي ويون، ماءُ ۽ پيءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.  بفرزون واري علائقي گبول ٽائون ٿاڻي جي حد سيڪٽر 15 ۾ واقع گهر نمبر 1125 ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود 7 ورهين جي حميمه ۽ سندس ننڍي ڀيڻ 6 ورهين جي آمنه ڌيءَ سيد حارث علي سڙي فوت ٿي ويون.  ايس ايس پي سينٽرل اسلم رائو موجب گهر ڌڻي سيد حارث ۽ سندس گهر واري ٻاهر ڪنهن ڪم سان ويا ۽ گهر ۾ ٻن نياڻين کي ويهاري ٻاهران تالوهڻي ويا. گهر ۾ رکيل يو پي ايس مان شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي گهر جا تالا ٽوڙي لاش ڪڍيا. ڊاڪٽرن موجب ٻارڙيون معمولي سڙي زخمي ٿيون پر سندن موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.