قاضي احمد :گهر کي باهه ڏيندڙ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن پاران مظاهرو

قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر کي باھ ڏئي سندس معصوم ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي زنده ساڙي مارڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .معصوم ٻارڙن جي ماء مسمات وزيران جتوئي ،ء پيء اقبال جتوئي ء ٻين عزيزن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته عدالت جي حڪم باوجود  قاضي احمد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار انهن کي ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصومن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي،ٻئي پاسي ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻھار موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي اهڙي ڪنهن به فيصلي يا آرڊر جو انهن کي علم ناهي. باقي وارثن يا ڪورٽ سڳوري طرفان اهڙو ڪو ليٽر جاري ٿيندو ته ضرور ڪارروائي ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.