ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪنداسين: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻيٽن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، آمدني سنڌ حڪومت کي ملندي، ٻيٽن جي منصوبي تي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪنداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي آرڊيننس تي خدشا آهن ته ختم ڪنداسين، وفاقي حڪومت ڪو منصوبو زبردستي طور شروع نه ڪندي، وزيراعظم عمران خان ڪڏهن ماحوليات کي نقصان نٿو پهچائي سگهي.

هن چيو ته منصوبو سنڌ حڪومت سان گڏجي مڪمل ڪنداسين، سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪرڻ کانسواءِ منصوبو شروع نه ٿيندو، هي اهو منصوبو هوندو، جنهن سان دنيا جي بهترين ٻيٽن جو مقابلو ڪري سگهنداسين، انهن ٻيٽن سان سنڌ ۾ سياحت کي هٿي ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.