ڪهڙي قانون تحت يوٽيوب چئنل هلي رهيا آهن؟ لاهور هاءِ ڪورٽ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان بنا مڪينزم يوٽيوب چئنل کولڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تان توهين جوڳو مواد هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ ٿي.

چيف جسٽس قاسم خان سوشل ميڊيا تان توهين جوڳو مواد نه هٽائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بنا ميڪنزم جي يوٽيوب چئنل ٺاهڻ جو جائزو ورتو.

جسٽس قاسم خان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت يوٽيوب چئنل هلي رهيا آهن ۽ يوٽيوب چئنلن کي ڪير مانيٽر ڪري رهيو آهي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدليا خلاف يوٽيوب تي بيان بازي ڪئي پئي وڃي.

هن پڇيو ته هيل تائين ايف آءِ اي ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ۽ ڪيترا جوابدار گرفتار ڪيا؟

عدالت ايف آءِ اي کان فوري طور تفصيل طلب ڪيا ۽ اهو به پڇيو ته ڇا حڪومتي سرپرستي ۾ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي؟

چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته عدليا جو تقدس پامال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسان وٽ جيڪا شڪايت ايندي آهي ان تي ڪارروائي ٿيندي آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا عدليا جا جج هاڻ ايف آءِ اي کي شڪايت داخل ڪرائيندا؟

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ايف آءِ اي کي بند ڪري ڇڏيو.

جسٽس قاسم خان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت يوٽيوب چئنلن جو لائسنس جاري ٿيندو آهي ۽ ڪير جاري ڪندو آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.