ڪاليج ۾ ماسترياڻين تي تشدد ڪندڙ 5 شاگرد گرفتار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪاهنه ڊگري ڪاليج ۾ عورت ليڪچرارز ۽ عملي کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ 5 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڊگري ڪاليج ڪاهنه ۾ تشدد جو واقعو موٽر سائيڪل بيهارڻ تان پيدا ٿيل تڪرار سان پيش آيو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪاليج انتظاميا شاگردن کي موٽر سائيڪل بيهارڻ کان روڪيو، جنهن تي انهن عورتن ٽيچرز ۽ عملي کي تشدد جو نشانو بڻايو، پوءِ فرار ٿي ويا.

پوليس پنجن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي سڃاڻپ عثمان، طالب، صديق، نعمان ۽ راحت علي جي نالن سان ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.