ڪورونا جي ٻي لهر، فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ڪورونا وائرس جي ٻر لهر کان بچڻ لاءِ پئرس، مارسي ۽ 7 ٻين شهرت ۾ رات جي ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فرانسيسي حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان هيلٿ ايمرجنسي ٻيهر بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

فرانس ۾ اهو ڪرفيو ڇنڇر کان لاڳو ٿيندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 هفتن تائين برقرار رهندو، جنهن دوران رات نائين وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ماڻهو گهران نه نڪري سگهندا.

فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته ضابطي جي ڀڃڪڙي تي 135 يورو ڏنڊ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.