چيلهار ۾ ايف ڊبليو سي طرفان طبي ڪئمپ لڳائي وئي

چيلھار (ن ع آ)چيلھار ۾ ايف ڊبليو سي کاتي جي ضلعي ٿرپارڪر انتظاميا طرفان چيلھار ۾ بي ايڇ يو سينٽر تي شھر ۽ ڀرپاسي کان آيل عورتن جو حيدراباد لمس جي ڊڪٽرياڻين آپريش ڪري، پنج سال ٻار پيدائش وقفي وارا ڪئپسول ڏئي علاج ڪيو ويو، جڏھن تي مختلف ڳوٺن ڀوريلو ٻٽڙ، جينجھئير ھريار سميت ٻين ڳوٺن مان عورتن کي ڪئمپ کان پنھنجي ڳوٺ وٺي ۽ ڇڏي اچڻ واري سھولت ڏني ھئي. ٻئي طرف ڪئمپ تي ايف ڊبليو سي ضلعي ٿرپارڪر جي آفيسر اسماعيل مڱريو، تيرٿ مھيشوري، ساجد سوشيلا، ٻائي آمنه ۽ ٻيا ملازم موجود ھئا. ٻئي طرف مريضن جي وارثن عوامي آواز چيلھار سان ڪئمپ تي ڳالھائيندي چيو ايف ڊبليو سي جي اھڙي قدم جي ساراھه ڪيون ٿا ڪئمپ قائم ڪرڻ سان پوئتي پيل ڳوٺن جي عورتن کي پيداش وقفي ۽ بابت پتو پئي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.