مانجهند ۾ ايس يو پي جو پل نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند تعلقي جي شھر  لاکا ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي يوسي لاکا جي ڪارڪنن ٽئين  ڏينهن به  لنڪ روڊ تي آر بي او ڊي سم نالي جي ناقص مٽيريل سبب ٽٽل  پل جي نئين سر تعمير نه ڪرائڻ خلاف  2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ضلعي سيڪريٽري امام الدين ڇڇر ،  محمد امين کوسو،  نواز ڪنڀر،  بابل لطيف کوسو  جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري رکي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت آر بي او ڊي سم نالي انتظاميا  لنڪ روڊ تي 5 سال اڳ  ناقص مٽيريل  استعمال سان پل تعمير ڪئي جنهن کي هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آھن .   جنهن سبب لاکا شھر سان ٻھراڙي جي ڳوٺ مير محمد کوسو ڳوٺ ڀورو کوسو ڳوٺ اميد علي تنگهياڻي ڳوٺ جوڳياڻي ڳوٺ ڳوٺ بخشڻ خان کوسو ڳوٺ پهنور ڳوٺ ڀٽ ڪاڇي ڳوٺ بٺو ڳوٺ حاجي احمد خاصخيلي سميت 50 ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي شھر ۾ داخل ٿيڻ توڙي ٻاهر نڪرڻ ۾ تمام گهڻو متبادل مفاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو جنهن سبب کين سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون جڏهن ت ڪاروبار کي پڻ نقصان ٿي رهيو آھي هنن چتاء ڏنو ت پل تعمير نه ٿي ت 22 آڪٽوبر تي پي ڊي آر بي او ڊي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.