ملڪ جي خوشحالي جو حل صرف پ پ وٽ آهي: مهرين ڀٽو

خيرپور(ڊر) پ پ  ليڊيزونگ سکر ڊويزن جو اجلاس ليڊيزونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي صدارت هيٺ خيرپور ۾ 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي ڪراچي واري جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ ۽ ڀرپور شرڪت ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾  پ پ ليڊيزونگ سکر ڊويزن جي صدر ايم پي اي غزاله سيال پ پ ليڊيزونگ ضلعي خيرپور جي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ،سکر ضلعي جي صدر قمر النساءِ ڦلپوٽو،گهوٽڪي ضلعي جي صدر شبنم ڀٽو ۽ ضلعن جي مختلف جنرل سيڪريٽريز,انفار ميشن سيڪريٽز ۽ ضلعن جي ليڊيز عورتن شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته ادي فريال ٽالپور جي هدايتن تي 18 آڪٽوبر ڪراچي واري پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اجلاس گهرايو آھي جلسي ۾ جياليون ڀرپور شرڪت ڪنديون نيازي حڪومت کي پيغام ڏيڻو آھي ته ملڪ جي عوام کائنس بيزار ٿي چڪو آھي کين گهر موڪلي پوءِ سک جو ساھ کڻبو ملڪ جي خوشحالي جو حل صرف پ پ پ وٽ آھي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي غريب عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيو آھي ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ جو وزير اعظم چونڊجي ملڪ جي خوشحاليء لاء خدمت ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.