ٺري ۾ المرتضيٰ ڪوچ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ٺري ميرواهه ( ن ع آ ) سڪرنڊ ڀرسان ڪلوئي اسٽاپ وٽ ٺري ميرواھ کان ڪراچي روٽ تي هلندڙ وين سروس المرتضي ڪوچ جي تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي جنهن ۾ چار انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون، ان موقعي تي فوت ٿي ويلن جا وارث وين جو گهيراءُ ڪري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته المرتضى وين سروس سهولت بجاءِ جاني دشمن بڻجي وئي آهي، ان جا ڊرائيور گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪابه سهولت پيش نه ٿا ڪن ٺري ميرواهه کان هر پنج منٽن کانپوءِ گاڏي  سروس جي سهولت آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ڪاپي ٽيشن ۾ ويٺل پسينجرن کي موت جي منهن ۾ وجهي ٿا . ڇڏين المرتضى وين سروس جو مهيني جي اندر تقريبن ايڪسيڊنٽ پيا ٿين جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون هليون ويون آهن مگر المرتضى وين سروس کي ڪابه پرواهه ناهي هنن چيو ته وين جو ڊرائيور ٺري کان گاڏي شروع ٿئي ٿي اتان کان ڪراچي تائين فون تي ڳالهائيندا ٿا وڃن هي ڪنهن به قسم جو احتياط نه ٿا ڪن خبر تنهن مهل ٿي پئي جنهن مهل ايڪسيڊنٽ ٿئي ٿو هوڏانهن زخمي ٿيل سيري واسي جميل احمد چنو جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته هن مهل تائين المرتضى وين جي مالڪن پاران اسان وٽ ڪير به نا آيو آهي طبعيت وغيره جو پڇڻ هنن اعلى حڪام کي پرزور مطالبو ڪيو ته المرتضى وين سروس جي مالڪ مٿان فوري طور قانوني ڪاروائي ڪري انساني جانيون جي رپورٽ داخل ڪئي وڃي ۽ نااهل ڊرائيورن کي فوري طور نيڪالي ڏئي اهل ۽ ذميوار ڊرائيور مقرر ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي  بهتر سهولت ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.