سکر ۾ عوامي آواز جي فوٽو گرافر جي گهران چوري، پوليس ستل

سکر (رپورٽر) شهر ۾ ڏوهي وارداتن ۾ تي ضابطو نه اچي سگهيو، گهرن مان چوريون، اسٽريٽ ڪرائمز پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏيون چوري ٿيڻ ۽ سرعام فائرنگ ڪري  قتل ڪرڻ عام بڻجي ويو، ڪالهه رات آدم شاهه ڪالوني واري علائقي ۾ رهندڙ عوامي آواز جي ڦوٽوگرافرجاني ڀٽي جي گهر مان چور قيمتي موبائل فونز ۽ پئسن سان ڀريل پرس چورائي ويا واردات ان وقت پيش آئي جڏهن جاني ڀٽي فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ دروازو ٻاهران بند ڪري مسجد ويو ۽ ٻيا گهر ڌڻي ڪمرن ۾ ستل هئا ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ سراج مهر جي گهر مان ۽ زاهد مهر جي دڪان مان لکين رپين جي چوري ٿي چڪي آهي پر پوليس ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اهڙين وارداتن ۾ پوليس جي خاموشي تي صحافين سول سوسائٽي سوال اٿاريا پيا وڃن هنن ايس ايس پي سکر عرفان سمون کان مطالبو ڪيو آهي ته چورن کي جلد از جلد گرفتار ڪري  جاني ڀٽي جو چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي

ميهڙ ۾ ٻن ڀائرن کان 40 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر، مزاحمت تي تشدد

ميھڙ (ت ر)ميھڙ ۾ قاضي روڊ تي ھٿياربندن طرفان لونگ مھيسر جي رھواسي ٻن ڀائرن نصير مهيسر ۽ الطاف مھيسر کان رڪشا روڪي 40 ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري تشدد جو نشانو بڻائي  فرار ٿي ويا. زخمين کي ميھڙ اسپتال آندو ويو ميھڙ ٿاڻي تي 6 ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.