ٿر ۾ سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ 631  ٿي ويو آھي، هوڏانهن ٿر  اندر ٻارڙن جي موت وارن واقعن تي سنڌ سرڪار ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، اسپتالن ۾ علاج جون گهربل سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارن جي موت تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻيل آھي، ٻارن جي موت وارا واقعا گهٽجڻ بدران تيزي سان وڌي رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.