ڪنڌڪوٽ پوليس هٿان ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾  سي سيڪشن پوليس پاران مقابلي ۾ زخمي حالت جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  وئي آهي سي سيڪشن انچارج سڪندر علي پهنور موجب ته ڪنڌڪوٽ جي علائقي هيبت روڊ وٽ معمول موجب گشت ڪري رهيا هئاسين ته جوابدار ڀورو ولد گيلو سبزوئي ڏوه جي ارادي سان بيٺل هو جنهن پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس پيڇو ڪيو ته جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيو . پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ضلعي پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار وٽان ٽي ٽي پسٽل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيندڙ جوابدار کي پوليس ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال آندو ويو   مبينا مقابلو ۾ زخمي ٿيندڙ جوابدار بابت علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار کي هاف فرائي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.