مهانگائي هن سال ختم ٿي ويندي: شيخ رشيد جي دعويٰ

ملتان ( م ڊ )  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو نشانو عدليه، فوج ۽ نيب  آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جي جلسي ۾ گهٽ ماڻهو هوندا، شهباز شريف کي گهرجي ته معاملا خراب ڪرڻ بدران ٺيڪ ڪري، کيس اهڙي سياست جو حصو نه ٿيڻ گهرجي، 31 ڊسمبر کان اڳ ٻهارو ڦري ويندو ۽ 20 فيبروري تائين صورتحال نارمل ٿي ويندي، مارچ ۾ سينيٽ چونڊون ٿينديون ۽ اڪثريت عمران خان کي ملندي. شيخ رشيد چيو ته عدالتون جمهوريت جا فيصلا ڪنديون آهن، جلسن ۽ جلوسن سان حڪومتون ناهن ڪرنديون، اسان سڀ کان وڌو ڌرڻو ڪيو پر حڪومت نه ڪيرائي سگهداسين،  آخرڪار عدالت ۾ وڃڻو پيو. هن چيو ته نواز شريف پاڻ لنڊن ۾ ويٺو آهي ۽ ڪارڪنن کي ٻاهر نڪرڻ جو چوي پيو، يقين آهي ته بلاول ڀٽو سمجهداري کان ڪم وٺندو. شيخ رشيد اعتراف ڪيو ته مهانگائي آهي پر هن سال عمران خان مهانگائي ختم ڪندو، نواز شريف ڪجهه به ڪري سندس سياست ۾ جڳهه ناهي رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.