گوجرانوالا جلسي ۾ دهشتگردي جو خطرو: سيڪيورٽي ادارا

اسلام آباد(م ڊ) سيڪيورٽي ادارن 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اپوزيشن جي گڏيل اتحاد پي ڊي ايم جي جلسن ۾ دهشتگردي جي خطري جو  اظهار ڪري ڇڏيو، سيڪيورٽي ادارن سياسي جماعتن کي لکيل خط ۾ چيو ته عوامي ميڙن ۽ ريلين ۾ دهشتگردي جوخطرو آهي، سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، خط  جي متن ۾ چيو ويو ته ماضي ۾ مال روڊ تي دهشتگردي جو واقعو پيش اچي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ ڪورونا ڦهلجڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.