پي ٽي آءِ جا اڌ کان وڌيڪ ميمبر رابطي ۾ آهن: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ سينيٽر شيري  رحمان دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ميمبر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان رابطي ۾ آهن، پنجاب مان اڌ ميمبر پي ٽي آءِ مان اڏامڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ جا پنهنجا ئي ميمبر  حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ پاليسين مان خوش ناهن، ان ڪري اهي بيزار ٿي ويا آهن. هن چيو ته اپوزيشن جي تحريڪ شروع ٿي وئي، انشاءَ الله انجام تي پهچندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.