غوث علي شاهه کي اولاد مان خطرو، لاتعلقي جو اعلان

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، ريٽائرڊ جسٽس ۽ جي ڊي ا ي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه الغوث ھائوس خيرپور ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مان پنهنجي نافرمان اولاد سان ميڊيا جي سامهون لاتعلقي جو اظهار ڪريان ٿو ، سيد غوث علي شاهه جي ملڪيت مان لاتعلق ٿيلن ۾ علي حيدر شاهه ، شبير حيدر شاهه ، ڌي سيده شاهدان شاه ۽ سندن اولاد شامل آھن سيد غوث علي شاهه چيو ته سندس ننڍي گهرواري ڊاڪٽر سيد فرخنده شاهه پٽ سيد صفدر حيدر شاهه ، پٽ امير حيدر شاهه ، وڏي ڌيءَ  شاهينه فاطمه شاهه ۽ سندن اولاد منهنجي مليڪت جي وارثن ۾ شامل آھن سيد غوث علي شاهه چيو ته سندس پٽ علي حيدر شاهه ۽ شبير حيدر شاهه جا پٽ قربان علي شاهه نواز علي شاهه ساٿين جي مدد سان مونکي ۽ منهنجي ننڍي گهرواري ۽ ان مان هڪ پٽ صفدر شاهه کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ جوڙي منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ چاهين پيا پر پلاننگ ناڪام ٿي وئي آھي سيد غوث علي شاهه چيو ته انتهائي غم زده آھيان ته زندگي ڀر جنهن اولاد کي خوش رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر نافرمان اولاد بدلي ۾ قتل ڪرڻ چاهي ٿي ،ساڻن سڀ واسطا ختم ڪريان ٿو ، هن چيو ته نافرمان اولاد ۽ پوٽن قربان علي شاهه نواز علي شاهه جا واسطا ڏوهارين سان آھن جن خلاف قانوني ڪاروائي جي اپيل ڪريان ٿو، هن چيو ته پٽ اجازت کان بغير ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏي، پٽن گهران چوري ڪرائي، اهي ئي ماڻهو بچيل پراپرٽي به وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا مون پنهنجي ٻي گهرواري ۽ پٽن کي الوالد ڏين آهي، هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته پهرين گهرواري ۽ پٽن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

غوث علي شاهه  تي پٽ ۽ پوٽي پاران ملڪيت تي قبضن جا الزام

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) اڳوڻي وڏو وزير سيد غوث علي شاه پنهنجن پٽن ۽ پوٽن جي ملڪيت تي پوليس ساڻ ڪري قبضو ڪرائي رهيو آھي ۽ ايس ايس پي خيرپور ڏينهن رات سندس ونگار پيو وهي اهڙو الزام سنڌ سيد غوث علي شاه جي پٽ سيد شبيرحيدر شاه ۽ سندس پٽ سيد نواز علي شاه پنهنجي رهائشگاه تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته منهنجو والد سيد غوث علي شاه ۽ اسان جي ماٽيلي امڙ ۽  سيد صفدر علي شاه جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏيو آھي ملڪيت جي ڪري منهنجو نوجوان پٽ ٻه مهينااڳ اغوا ڪرائي گم ڪري ڇڏيو اٿس. هن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو آھي .سيد غوث علي شاه لنڊن ؛ڪراچي ؛رحيم يارخان ۽ خيرپور واري ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ڳاڙهي موري واري زرعي زمين ۽ گهر به اسان کان خالي ڪرائڻ ۾مصروف آھي. خيرپور ضلعي جي ايس ايس پي کي ڳري رقم ڏئي گذريل رات اسان جي ڳاڙهي موري واري حويلي تي پوليس اٽالا موڪلي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي. اوطاق تي ترسيل مزدورن سميت چار ڄڻا سيد علي رضاشاهه، رفيق احمد، نعيم شيخ عبدالوحيد کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو اٿس.03

غوث علي شاهه پٽن ۽ پوٽن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

خيرپور(م ڊ) اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه پهرين گهرواري مان پنهنجي پٽن ۽ پوٽن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، پريالوءِ  ٿاڻي تي زمين تي قبضي جي ايف آءِ آر ۾ قربان شاهه، نواز علي شاهه، جعفر شاهه ۽ سندن مامي جو پٽ نامزد ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ غوث علي شاهه ڄاڻايو آهي ته پنهنجي ملڪيت ٻي گهرواري کي گفٽ ڪرڻ چاهي ته پٽن، پوٽن مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته پهرين گهرواري ۽ پٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.