ڪنڊيارو: ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڊيارو ۾ ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سڪندر عباسي جي پٽ ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،   رورل هيلٿ سينٽر ڪمالديرو جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران  ايم ايس ڊاڪٽر مشتاق ڪونڌر  ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻ اسماعيل کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو ڪيترن ئي ڏينهن کان غائب آهي پر پوليس جاچ ۽ ڳولا لاء تيار ناهي،هنن چيو ته کين شڪ آھي ته ڊاڪٽر نواب کي اغوا ڪيو ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي ڊاڪٽر نواب جي بازيابي لاء عملي قدم کڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.