پيرونمل: عوامي آواز ٽي وي تي خبر هلڻ کانپوءِ اسڪول جي عمارت جو ڪم شروع

پيرونمل ويجھو 81 ميل جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد صالح لغاري ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ جون خبرون عوامي آواز ٽي وي تي هلڻ کانپوءِ  پ پ جي سينيٽر قرات العين  مري نوٽيس ورتو ۽ اسڪول جا چار نوان ڪمرا منظور ڪرايا ۽ پراڻن ٽن ڪمرن جي ريپئرينگ جو ڪم جاري ڪرايو،اسڪول جو ڪم ٿيڻ علائقي واسين پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ عوامي آواز ٽي وي جا ٿورا مڃيا ويا

سندن چوڻ هو ته انهن کي اميد اهي ته عوامي آواز اڳتي به انهن جي مسئلن جي اهڙي ريت نمائندگي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.