لاکاروڊ ويجهو ڳوٺ قاسم وگهيو ۾ پرچون جي دڪان کي باهه، لکن جو نقصان

لاکاروڊ ويجهو ڳوٺ  قاسم وگهيو ۾اڻ ڄاتل شر پسندن  ڳوٺاڻي ڪاظم وگهيو جي پرچون جي دڪان کي رات جي وقت۾ باھ ڏئي ڇڏي جنهن سبب  دڪان ۾  پيل سمورو سامان  ڪپڙو،  چپلون، واڻ، ڪاسميٽڪ، پلاسٽڪ ، ڪريانا جو سامان ، 25 مڻ ڦٽيون ۽ چار لک روپيا روڪ ۽  پراپرٽي جا ڪاغذ سڙي رک ٿي ويا ،ڳوٺاڻن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ،ان موقعي دڪاندار  واجد وگهيو ڪاظم علي وگهيو سينگار، علي وگهيو،غلام هادي وگهيو  ۽ٻين عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته انهن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي،هنن  وزير اعلي سنڌ ، آء جي سنڌ ،آر پي او حيدرآباد ريجن ،ڊي آء جي شهيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.