والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي بي نقاب ڪندا رهنداسين: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير تي غير قانوني طور قابض ڀارتي فوج هٿان انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بنا خوف بي نقاب ڪندو رهندو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل لاءِ پاڪستان جي وڌيڪ 3 سال چونڊ تي نهايت خوش آهيان، ان وڏي سفارتي ڪاميابي تي پرڏيهي کاتي ۽ ٻاهرين ملڪ موجود پاڪستان جي سفارتي مشنز جي ڪردار کي ساراهيان ٿو، جن جي ڪوششن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي حيثيت ۽ ساک وڌي.

هن چيو ته برداشت کي هٿي ۽ تعميري سرگرمين کي پنهنجي ترجيحن جو حصو بڻائيندي اسان سڀني لاءِ انساني حقن جي تحفظ جو عزم ڪيو آهي، اسلامو فوبيا خلاف گڏيل احترام جي حمايت ۾ به اسان جو موقف ڊهندڙ ناهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان اتفاق راءِ جي حوالي سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ يقيني بڻائيندو ته ڪائونسل جي ڪم جو بنياد عالمگيريت، غيرجانبداريت ۽ سهڪار جي اصولن تي هلي.

عمران خان چيو ته پاڪستان ڪشمير تي غير قانوني طور قابض ڀارتي فوج هٿان انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بنا خوف بي نقاب ڪندو رهندو.

واضح رهي ته پاڪستان ايندڙ ٽن ورهين لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي 193 ملڪن مان 169 ووٽ حاصل ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.