خانپور ۾ٽائون ملازمن کي پگهارون نه مليون،گندگي جا ڍير،احتجاج

خانپور (ن ع آ ) خانپور ٽاؤن ڪميٽي انتظاميه پاران شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب سمورو شھر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو ۽  گندي پاڻي جا تلاءُ رستن تي بيھجي ويا آھن شھر جي مين بازار سميت ھائير سيڪنڊري اسڪول، عيدگاھ روڊ سميت مختلف رستن تي گندي پاڻيءَ جا تلاء بيھجي ويا آهن جنھن سبب ھڪ طرف بيمارين وڌڻ جو خدشو آهي ۽ ٻئي طرف وري گندو پاڻي دڪاندارن جي اڳيان بيھڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي ان حوالي سان شھر جي دڪاندار يونين جي اڳواڻن غلام حسين سومر سونو چنو ممتاز علي طارق احمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جزوي شٽر ڊاؤن ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن پاران سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني کاتي جي صوبائي وزير ۽ تڪ جي چونڍيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان شھر ۾ صفائي ڪرائي شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي ٻئي طرف  ٽاؤن ڪميٽي  ملازم اتحاد جي اڳواڻن پير عتيق چيو ته ٻن مھينن کان ۽ صفائي جي ڪچن ملازمن جون 3  مھينن کان پگھارون نه ملڻ سبب پريشان آهيون، پگهارون جاري ڪيون وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.