ڊگهڙي ۾ حڪومتي پاليسين کان بيزار شاگردن جو احتجاج

ڊگهڙي(ن ع آ )ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جاخواهشند شاگرد پريشاني جو شڪار اهڙي عمل خلاف شاگردن پاران چوڌري علم الدين،علي سنگيهڙا،بلال واهلا،عظمي قائمخاني،پريم راٺوڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهنکي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت طرفان 18آڪٽوبر تي اين ٽي ايس جي تحت ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جڏهن ته پي ايم سي 15نومبر تي ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ٻن الڳ تاريخن تي اعلان ڪيل ٽيسٽ شاگرد ڪيئن ڏئي سگهندا اها سنڌ جي شاگردن سان سراسر زيادتي آهي اڳواڻن جو چوڻ ھوته 18آڪٽوبر تي پيپلز ميڊيڪل ڪالج نوابشاھ طرفان ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين ٽيسٽ جي حوالي سان شاگردن جي ڪابه رهمنائي وغيره ناهي ڪئي وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.