ٽنڊي آدم ۾نوجوان پاران زهر پي آپگهات ڪوشش

ٽنڊوآدم ( ت ر )  ٽنڊوآدم لڳ نوجوان پاران زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش اسپتال داخل رپوٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ ميوو  حاجاڻو ۾ 30 ورهين جي نوجوان ڪرشن پٽ سيتل باگڙي گهرو مسئلن سبب زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

پنجاب پاسي لوڪ فنڪار شوڪت علي گمس اسپتال داخل

گمبٽ (ت ر)پنجاب جي لوڪ فنڪار شوڪت علي گذريل ڏينهن کان گمبٽ جي گمس  اسپتال جي لور واري وارڊ ۾ داخل آهي. سندس علاج ڏنو پيو وڃي. طبيعت ۾ بهتري ٿيڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر. ان موقعي تي لور ٽرانسپلانٽ جي سربراه ڊاڪٽر عبدالوهاب ڊوگر ٽائيم سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن جڏهن ته پنجاب جي لوڪ فنڪار شوڪت علي کي گمبٽ گمس اسپتال جي لور واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن شوڪت بيهوشي هو ۽ ڳالهائي به نه پيو سگھي.  فنڪار جو علاج جاري آهي ۽ طبيعت بهتري ٿي رهي آهي. هن وقت شوڪت علي ڳالهائي سگھي ٿو ۽ کاڌ خوراڪ به کائي رهيو آهي. شوڪت علي جي دل جو آپريشن ٿيل آهي ۽ شگر جو مريض آهي ان لاءِ فلحال لور ٽرانسپلانٽ لاءِ ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي. فلحال شوڪت علي جو علاج هلي رهيو آهي. هوڏانهن لوڪ فنڪار شوڪت علي جي پٽ چيو ته بابا جي طبيعت ۾ گذريل ڏينهن کان ڪافي بهتري آهي. هن وقت هو ڳالهائي سگھي ٿو. سڄي فيملي ۾ خوشي جي لهر آهي. شوڪت علي جو خاندان سنڌ حڪومت سميت گمس ڊائريڪٽر ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم جا ٿورا پڻ مڃيا.

سجاول ۾ چوڪيدار جو پگهار لاءِ احتجاج، پاڻ مارڻ جو چتاءُ

سجاول ( ڊ  ر)  ميرپوربٺورو ٽائون ڪاميٽي ۾ سابق چيئرمين پاران شهر جي چوڪي  لاءِ مقرر ڪيل نوجوان منظور ملاح جو ٽائون آفيسر پاران پگهار نه ڏيڻ خلاف پيٽرول جي ڀريل بوتل کڻي صحافين آڏو احتجاج ڪيو ويو، انهي موقعي تي نوجوان ٻڌايو ته سابق چيئرمين پاران شهر جي چوڪي ڪرڻ لاءِ چوڪيدار طور مقرر ڪيو ويو ۽ ماهوار پگهار ڏنو ويندو هو ليڪن هاڻي چيئرمين جو مدو پورو ٿيڻ بعد ٽائون آفيسر پورو مهينو شهر جي چوڪي ڪرڻ  باوجود پگهار نٿو ڪري، هن چيو ته سخت ٻچڙيوال آهيان، سڄي شهر جو قرضي بڻجي ويو.  آهيان جنهن ڪري شهر ۾ هلي به نٿو سگهان جنهن ڪري  پيٽرول سان ڀريل پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهيو آهيان ڪنهن به وقت پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس، هن چيو ته مون غريب کي پگهار جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ منهنجي موت جو ذميوار ٽائون آفيسر هوندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.