ٽنڊو حيدر لڳ حادثي ۾ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو

ٽنڊو حيدر( ن ع آ ) ٽنڊي حيدر پوليس پوسٽ اڳيان مين روڊ تي ٽي موٽرسائيڪل سوار حيدرآباد ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ٽنڊي  حيدر ۾ گاڏي  ٽرڪ سان ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 سالا نوجوان سجاد علي ولد بچل شاه چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏنهن ته  فوتي  نوجوان جي لاش کي  ٽنڊو حيدر پوليس پوسٽ انچارچ اي ايس آء ايشور ڀاٽيا   پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو  جڏنهن  ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ سجاد علي ولد بچل  شاھ ٿي آھي جيڪو ڪورٽ سڳوري ۾ ڪلارڪ پڻ هو ۽ ڳوٺ جيئندو هاليپوٽو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ساڻس گڏ ٻه ماڻھون زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.