ڪشمور ۾ پوليس مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار

ڪشمور(ڊ ر) ڪچي واري علائقي کروڙ لنڪ روڊ وٽ ڪشمور پوليس مبينا مقابلي دوران شھرين کان ڦر ۾ ملوث جوابدار غلام نبي  عرف گوڙو مزاري کي ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين سميت ڪشمور پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس جي گشت دوران گوڙو مزاري ۽ ان جي ساٿين فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ گوڙو مزاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ساٿي ڪچي طرف فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي سڃاڻپ ٿي آهي 2 ڏينهن اڳ ڪشمور جي ھندو واپارين کان ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪندي ڏٺو ويو آهي گرفتار جوابدار مٿان ڪشمور ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ بغير لائسنس جي پسٽل رکڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.