خيرپور ڏوهارين حوالي، پوليس گم، هڪ ئي رات ۾ 3 داڙا

خيرپور ۾ (ڊ ر)خيرپور ۾ بدامني وڌي وئي، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد، نويد ڪالوني ۾ 3 نامعلوم هٿياربندن مشهور ٺيڪيدار روشن علي شيخ جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي هڪ  ڪمري ۾ بند ڪري گهر مان 5 لک روپيه روڪ رقم،8 تولا سونا زيور ۽ ٻيو قيميتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته گهر ڌڻي روشن شيخ ٻڌايو ته پوليس اطلاع باوجود بروقت نه پهتي .جنهن ڪري هٿياربند فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تان هٿياربندن ڪرتال ڪمار کي يرغمال بڻائي ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر، 20 هزار رپيا روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي جي کجور منڊي مان چورن شنڪر لال جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ رکيل قيمتي سامان روڪ رقم ، سولر پليٽون ، بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا. واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ماسٽر ماربل فيڪٽري جي مالڪ عبيدالله شيخ جي دڪان جي ڇت ٽوڙي لکين رپيا روڪ رقم ، ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس هن وقت تائين چوري ٿيل پيسا ۽ سامان واپس نه ڪرائي سگهي آهي، خيرپور ۾ چوريون، ڦريون وڌي وڃڻ سبب شهري سخت پريشان آهن پر پوليس چورن بجاءِ بيگناه ماڻهن کي گرفتار ڪري ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري رهي آهي. خيرپور جي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بد امني تي ڪنٽرول ڪري شهرين جي جان مال جي حفاظت ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.