ڪراچي ۾ بس اڏي منتقلي بابت درخواست تي جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ انٽرسٽي بس  اسٽينڊ شهر کان ٻاهران منتقل ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ پيش ٿيو. بئنچ ۾ شامل ارشد حسين خان درخواستن جي ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ٻڌڻي جي لاءِ اسپيشل بئنچ ٺاهڻ جي لاءِ درخواستون چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏيو ن آهن .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

ڪراچي ۾ زال مارڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال ٽيپ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ماڊل عدالت بلوچ ڪالوني ۾ گهر۾ جهيڙي دوران زال کي  قتل ۽ مائٽن کي زخمي ڪرڻ واري مڙس عابد تي ڏوهه ٽابت ٿيڻ تي 10سال سخت پورهئي سان قيد ۽50هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جڏهن ته زال جي مائٽن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 3سال جي قيدٻڌئي آهي . اشتهاري جوابدار طاهر کي گرفتار ڪري ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.