پب جي “ گيم کيڏڻ وارو اسلام جي دائري مان خارج ٿي وڃي ٿو: نئين فتويٰ

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي جي ناليواري ديني درسگاهه جامعه علوم اسلاميه بنوريه ٽائون فتويٰ جاري ڪئي آهي ته ”پب جي “ گيم کيڏڻ  وارو اسلام جي دائري مان خارج ٿي وڃي ٿو. جامعه علوم اسلاميه بنوريه ٽائون هڪ شهري جي سوال تي فوتيٰ جاري ڪئي، جيڪا ويب سائيٽ تي به رکي وئي آهي. فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته گيم ۾ اهڙو عمل ڪرڻ سان آهستي آهستي بتن آڏو جهڪڻ جي نفرت دل مان نڪري ويندي، ان ڪري هي گيم کيڏڻ ناجائز آهي.

سنڌ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ  اين ڊي ايم اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) حليم عادل شيخ جي بريفنگ تي گورنر طرفان برساتن جو بيٺل پاڻي جي نيڪالي لاءِ اين ايم ڊي اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي  جڏهن ته  اعتماد  لاءِ  وفاق ۽ سنڌ حڪومت سان رابطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان قومي اسيمبلي جي ميمبر آفتاب صديقي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ ۽ مظفر شجره ملاقات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.