وزيراعظم پاران ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بنيادي ضروري شين جي قيمتن بابت  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽائيگر فورس پاران ڪڻڪ ۽ اٽي جا واڌو اگهه وٺڻ وارن خلاف رپورٽ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ رليز ڪرڻ بابت به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پنجاب ۾ 10 نومبر تي پيڙهائي شروع ٿيندي، جنهن بعد کنڊ ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام کي بنيادي ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ، ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.