اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن جون شڪايتون مليون: نيب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي بابت 5 نومبر تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ جي وڏي وزير جي صلاڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ نيب پاران جواب جمع ڪرايو ويو. نيب پنهنجي جواب ۾ چيو ته اعجاز جکراڻي جي خلاف نيب کي درخواستون مليون آهن،  سپريم ڪورٽ جيڪب آباد جي ترقياتي رٿائن خلاف سخت آبزوريشن ڏني آهي .جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ 8 آڪٽوبر تي اعجاز جکراڻي جي گهرتي ڇاپو هنيو ويو. نيب چيو ته سپريم ڪورٽ کي اربين رپين جا ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي آهي. اعجاز جکراڻي جي خلاف هڪ ريفرنس ۽ ٻه انڪوائريون التواهيٺ آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.