آدم شماري نوٽيفڪيشن ۾ دير تي ڪاوڙ، مڪاني چونڊون ڪيئن ٿين: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشدحسين  خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جي  طرفان آدم شماري جو نوٽيفڪشن جاري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آدم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟ ائين ته مڪاني  چونڊون نه ٿي سگهنديون، اليڪشن ڪميشن وارا به چون ٿا ته آدم شماري جا نتيجا اچڻ تائين تڪبنديون نٿيون ٿي سگهن، عدالت سي سي آءِ جي اجلاس ۽ آدم شماري جي نتيجن بابت رپورٽ 4 نومبر تي طلب ڪري ورتي آهي.واضع رهي ته هئي درخواست ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامرخان،ڪنورنويد جميل ۽ وسيم اختر داخل ڪئي آهي. 03

علي زيدي جو آلوچپس ذريعي مفتاح اسماعيل تي مني لانڊرنگ جو الزام

ڪراچي ( م ڊ ) پورٽ اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير علي زيدي هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل تي ڪرپشن جو الزام هڻي ڇڏيو. علي زيدي مفتاح اسماعيل جي ڪمپني خلاف ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي خط جو حوالو ڏيندي سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي مبينا خط ۾ اربين رپين جي ٽيڪس چوري جو حوالو موجود آهي. وفاقي وزير الزام هنيو ته 420 ڊالر في ڪلو آلو چپس گڏ افغانستان برآمد ڪرڻ جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. علي زيدي مطالبو ڪيو ته ن ليگ جو ترجمان محمد زبير ۽ مفتاح اسماعيل معاملي تي وضاحت ڪن. مفتاح اسماعيل علي زيدي جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته علي زيدي پراڻو خط کڻي آيو آهي، جنهن جي 2 سال اڳ وضاحت ڏئي چڪو آهيان، علي زيدي کي شرم اچڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.