رتوديرو ويجهو هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

رتوديرو (طفيل ساريو) رتوديرو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.   رتوديرو لڳ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات دير سان قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي پلاند ۾ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ يعقوب جلباڻي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 55 ورهين جو همت علي پٽ محمد لائق جلباڻي ۽ 25 ورهين جو محمد فضل پٽ شمس الدين جلباڻي  مارجي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو 18 ورهين جو محمد لائق پٽ همت جلباڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. واقعي دوران ڌرين هڪ ٻئي مٿان ٻن ڪلاڪن تائين ڇتي فائرنگ پڻ ڪئي جڏهن ته علائقي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 4  قتل ٿي وڃڻ سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس  پکڙجي ويو. واقعي جي ڪيتري دير بعد پوليس ڳوٺ يعقوب جلباڻي پهچي زخمي ۽ مقتولن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جڏهن ته زخمي کي علاج  لاءِ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو ، جڏهن ته مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ، ياد رهي ته ڄڻايل ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن اڳ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ پنهل ڪٽوهر ۽ معشوق عمراڻي قتل ٿي ويا هئا جنهن جي پلاند ۾ هي واقعو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.