سنڌ حڪومت جو ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس نه وٺڻ تائين وفاق سان نه ڳالهائڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کان ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي اٽي جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کان ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين آرڊيننس واپس نٿو ورتو وڃي، وفاق سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو ته ٻيٽن بابت آرڊيننس غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، سنڌ ڪابينا ان جي مذمت ڪئي ۽ آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ڪڻڪ 16 آڪٽوبر کان رليز ٿيندي ۽ سبسڊي سان گڏ اٽي جي فراهمي يقيني بڻائينداسين.

سندس چوڻ هو ته اٽي بحران جي ذميواري سنڌ حڪومت تي وجهڻ غلط آهي، اسان ذميوار ناهيون، ڇا خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ به اسان بحران پيدا ڪيو؟

ناصر شاهه چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي سمگلنگ ڪئي وئي، ڪڻڪ سستي اگهه تي ايڪسپورٽ ۽ مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪئي وئي.

هن چيو ته اسان اٽي جي مقرر اگهن تي عمل يقيني بڻائينداسين، چيف سيڪريٽري نگراني ڪندو، اٽي جي قيمتن ۾ 9 رپيا رعايت ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.