سجاول: ٺيڪيدار پاران ٽائون ڪاميٽي انتظاميا خلاف احتجاج

سجاول ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا ٺيڪيدار کي رهيل رقم جي ادائيگي نه ڪئي ، ٺيڪيدار پاران معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ويو ، ٺيڪيدار عثمان لوٺيو پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ پريس ڪلب آڏو ٽائون انتظاميا پاران رهيل رقم جي ادائيگي نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ ٽائون چيئرمين پاران سجاول شهر ۾ روڊن گهٽين گٽر نالن جي مرمت سميت ٻيو ڪم ڪرايو ويو هو ليڪن ڪرايل ڪمن جي رقم جي ادائيگي نٿي ڪئي وڃي، ھن چيو ته ٽائون ڪاميٽي سجاول جي انتظاميا تي هن جا 25 لک روپيا رھيل آهن ھڙان وڙان خرچ ڪري مليل ڪم مڪمل ڪرايا ۽ بل به آڊٽ مان پاس ڪرايا پر رقم نٿي ڏني وڃي، ھن ڊي سي سجاول سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هن سان انصاف ڪري کيس پنهنجو حق ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.