موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار کي پڪڙيندڙ ٽيم لاءِ 50 لک انعام

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار موٽر وي ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪندڙ ٽيم لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عثمان بوزدار آءِ جي پنجاب پوليس انعام غني کي مک جوابدار جي گرفتاري تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ انويسٽيگيشن ٽيم لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو.

پنجاب پوليس جي ترجمان موجب موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي جاچ جي سائنٽيفڪ طريقي سان گرفتار ڪيو ويو.

سينٽرل پوليس آفيس جي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي شهزادي سلطان جي سربراهي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم رات ڏينهن محنت ڪئي، جڏهن ته ايس پي سي آءِ اي عاصم افتخار جو جوابدار جي گرفتاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سينٽرل پوليس آفيس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ لاهور سميت 9 ضلعن ۾ ڇاپا هنيا ويا، شاهدين ۽ قانون جي روشني ۾ جاچ اڳتي وڌائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.