ڪي اليڪٽرڪ ممبئي کان ڪنٽرول ٿي رهي آهي: چيف جسٽس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي کان ڪنٽرول ٿي رهي آهي ۽ لڳي ٿو ته آخر ۾ ان ڪمپني جا پيرا ممبئي مان نڪرندا.

چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي، سي اِي او ۽ نيپرا چيئرمين سميت ٻيون اختياريون پيش ٿيون.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورا ماڻهو پاڻ ۾ مليل آهن.

جسٽس فيصل عرب ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪراچي ۾ بجلي جي پيداوار ڇو نٿا وڌايو؟ ڪي اليڪٽرڪ وارا چون ٿا ته 900 ميگا واٽ وڌائڻ جي درخواست نيپرا کي ڏنل آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سسٽم ۾ 900 ميگا واٽ شامل ڪرڻ لاءِ نيپرا ڇا ڪيو؟

نيپرا چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ پاڻ ئي ان خلاف عدالت کان منع نامي جو حڪم ورتو آهي.

چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ ايم ڊي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي هتي ئي آهي، توهان جو ڇا ارادو آهي؟ ڪراچي کي ڪڏهن بجلي ڏيندئو؟ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ڪٿي آهي، سي اي او صاحب توهان اڃا تائين عهدي تي ئي آهيو؟

جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو اصل مالڪ ڪير آهي؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل علي ظفر ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جا 9 ڊائريڪٽر آهن، ڪي اليڪٽرڪ سعودي ۽ ڪويتي بزنس گروپس جو ڀائيوار آهي.

چيف جسٽس چيو ته نيٺ انهن گروپن پويان ٻيا گروپ به هوندا، آخر ۾ اها ڪمپني ممبئي ۾ لينڊ ڪندي، ان تي وڪيل چيو اهو درست ناهي ته اها ڪمپني ممبئي جي آهي.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته اسان اهو ئي ٻڌو آ، آخر ۾ ڪو ممبئي وارو نڪرندو، ٻڌو آ شرما نالي ڪو شخص آهي، جيڪڏهن توهان ملڪ جا سڄڻ هجو ها ته ڪراچي جو هي حال نه هجي ها، اڌ شهر بجلي نه هجڻ سبب رات جو جاڳندو آهي.

هن چيو ته شهر ۾ هيٽ ويو اچي رهي آهي ۽ ماڻهن کي بجلي نه پئي ملي، جڏهن ڪمپني ممبئي مان ڪنٽرول ٿيندي ته ائين ته ٿيندو، خبرن موجب ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ بجلي ممبئي کان ڪنٽرول ٿيندي آهي، اڌ ڪراچي رات جو اونداهي ۾ ٻڏل هوندو آهي ۽ روز مون کي ميسيج ۽ ڪالز اينديون آهن ته ڪراچي ۾ ڏينهن جو 3 ڀيرا بجلي وڃي رهي آهي، ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي کان ڪنٽرول ٿي رهي آهي، شهر ۾ ڪنهن کي ڪيتري بجلي ملندي ان جو ڪنٽرول ممبئي مان هلايو پيو وڃي، لڳو ٿو آخر ۾ ان ڪمپني جا پيرا ممبئي مان نڪرندا، اها ڪهاڻي هتي ختم نه ٿيندي، ان جي پٺ تي ڪو ٻيو آهي.

ڪي الڪيٽرڪ جي وڪيل چيف جسٽس جي ريمارڪس تي چيو ته ممبئي جي شيئر هولڊر واريون خبرون غلط آهن، ان تي معزز چيف جسٽس چيو اسان ته اخبار ۾ خبرون پڙهيون آهن، اسان کي سورس جي ناهي خبر، ڪارپوريٽ معاملا وچڙيل هوندا آهن، سامهون هڪڙو ۽ پويان ٻيو ڪو، سڄي عمل ۾ آخر ۾ فائدو ٻيو ڪو کڻي ويندو آهي، ڪي اليڪٽرڪ وارا ڊيفالٽر آهن، انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي، بجلي جي فراهمي بنيادي حق آهي، ڪي اليڪٽرڪ وارن تي ڳرو ڏنڊ هڻي سگهون ٿا.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو هلي رهي آهي پر بجلي ناهي هوندي، ڪي اليڪٽرڪ معاملي تي ماڻهن جا ذاتي مفاد سامهون اچي ويا آهن، نيپرا ۾ ميٽنگ گوڙ  گهمسان سان ختم ڪرائي ويندي آهي.

نيپرا چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته نيپرا ڪراچي ۾ مقابلي جي فضا قائم ڪرڻ چاهي ٿي، اسان نقصان وارا علائقا ڏينداسين ته ڪو سيڙپڪار نه ايندو، اسان وٽ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ منتظم رکڻ جو اختيار آهي، نجڪاري وقت بجلي پيداوار، ورهاست ۽ ٻيا مرحلا ڪي اليڪٽرڪ کي ڏنا ويا، جيڪا هڪ وڏي غلطي هئي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪجهه ماڻهن جي کچڙي ٺهيل آهي، انهن کي سامهون آڻڻو پوندو، اهڙي خراب صورتحال ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ وارا ڇو ايندا، شنگهائي اليڪٽرڪ وارا اچن ٿا ته انهن جا پنهنجا شرط هوندا، پوءِ رياست اندر هڪ رياست بڻجي ويندي.

معزز چيف جسٽس چيو ته ڪراچي شهر جو هر ادارو ختم ٿي چڪو آهي، عوام کي ڪا سروس نه پئي ملي، شهر ۾ پوليس وارو جتي بيٺو هوندو آهي اتان جو بادشاهه هوندو آهي، ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، لڳي ٿو اسان پٿر جي دور ۾ رهي رهيا آهيون.

اٽارني جنرل عدالت کان ان چيمبر بريفنگ جي اپيل ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان بريفنگ ڏيڻ جي اپيل رد ڪئي وئي.

عدالت وفاقي حڪومت ۽ توانائي واري وزارت کي ڪراچي کي بجلي جي فراهمي تي بريفنگ لاءِ طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.