نيب چيئرمين جو روز ويلٽ هوٽل کي بند ڪرڻ جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال روز ويلٽ هوٽل کي بند ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ميڊيا رپورٽس تي روز ويلٽ هوٽل کي 31 آڪٽوبر کان بند ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي جي نيب راولپنڊي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جاچ ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ انتهائي مرڪزي جاءِ تي قائم پاڪستان جي قومي اثاثي روز ويلٽ هوٽل کي بند ڪرڻ جي ضرورت ڇو آئي.

جاچ ۾ انهن سببن جو به جائزو ورتو ويندو جنهن جي ڪري حڪومت پاڪستان کي مبينا طور تي لکين ڊالرن جو نقصان ٿيو، ان کان سواءِ هن جي ذميوارن جو به پتو لڳايو ويندو جن پنهنجي قومي فرضن کي انجام ڏيڻ ۾ مبينا طور تي ڪوتاهي ڪئي ۽ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ انتهائي مرڪزي جاءِ تي قائم روز ويلٽ هوٽل کي منافعي بخش بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.