پني عاقل ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

پنوعاقل (ن ع آ)ٺڪراٺي ڳوٺ ۾ پورھتن جا پنج گھر ڊاھڻ ۽ گھرو سامان کئڻڻ کانپوءِ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مبارڪپور ٿاڻي تي ھڪ مرحوم  سميت پنجن ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جو سر زمين تي احتجاج،پوليس ۽ بااثر ماڻھن خلاف ٻي ڏينھن به احتجاج نعري بازي،عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان انصاف جي گھر،خبرموجب؛ٿر جي ڳوٺ ٺڪراٺي واري علائقي ۾ بااثر عبدالوحيد ناصر،نديم ۽ ماجد پاران اعواڻ برادري جي پورھيتن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ۽ قيمتي سامان کڻي گھر ڌڻين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي گھر ڌڻين عبدالرزاق،غلام شبير،عبدالخالق اعواڻ،امام الدين جکراڻي ۽ پاڙي جي رھواسين سومار فقير مھر،انور مھتم،محمد ملوڪ،صابل،اسماعيل ملڪ  ۽ ٻين پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻيندي چيو ته  با اثر اسان سان ظلم ڪري رھيا آھن،ھنن چيو ته آر پي او سکر جي چوڻ تي پوليس ظلم ڪري رھي آھي ۽ روينيو جا عملدار به موت مار ڌمڪيون ڏيندڙن سان گڏ آھن،ھنن چيو ته عبدالوحيد ناصر ۽ ٻين اسان تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي،جنھن ۾ پنج سال اڳ مري ويل محمد ياسين ولد محمد خان اعواڻ ۽ ٻين  جا نالا ڄاڻايا ويا آھن،ھنن ھاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ ٻين ادارن کان گھر ڪئي آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.