دادو ۾ فرزانا جمالي جو والد جي قاتلن ۽ قبضا مافيا خلاف احتجاج

دادو (رپورٽ:عزيز احمد ملڪ  ) دادو جي مظلوم نياڻي فرزانا جمالي جي والد جي قاتلن ۽ قبضا مافيا خلاف دادو سراپا احتجاج ٿي ويو ۽  شهر ۾ سماجي اڳواڻن فرزانه جمالي،سميرا، شاھده،وزيران، نصرت،غفارجمالي، خادم جمالي،وفا چانڊيو،عبدالله کوکر،عباس وگھيو، ساجدمستوئي، عرفان ڪلھوڙو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن ۽ شھرين وڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا خورن، ايس ايس پي دادو خلاف سخت نعري بازي ڪئي، سماجي اڳواڻن چيو ته دادو جوسرگرم قبضاگروپ جا سرواڻ سي آءِ اي انچارج افتخار جمالي ۽ سندس ڀاءُ آفتاب جمالي دادو جي مظلوم نياڻي فرزانا جمالي جنهن جي والد جمن جمالي کي مبينا زهر ڏئي قتل ڪيو ويو، جنهن  بعد يتيم نياڻي فرزانا جمالي جي 27 ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا ويا هاڻي، ان يتيم نياڻي کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن . گذريل 13 سالن کان يتيم نياڻي روڊن تي عدالتن ۽پوليس ٿاڻن تي انصاف لاءِ دربدر آهي، ان  موقعي تي مظاهرين چيو ته يتيم نياڻي فرزانا جمالي کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وجي،  سي آءِ  اي انچارج افتخار جمالي سندس ڀاءُ آفتاب جمالي  هڪ يتيم نياڻي جي زمينن تي قبضا ڪري سندس خاندان کي موت مار ڌمڪيون ڏين پيا، دادو جي يتيم نياڻي کي اڪيلو نه سمجهو وڃي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ قبضا خورن خلاف ڪارروائي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.