سکر لڳ چوري جون 2 وارداتون، پوليس تماشائي

 

سکر (رپورٽر ) سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي  ۽آباد  ٿاڻي جي حد اندر چورين جو آزار وڌي ويو ٻن ھفتن اندر چورن مختلف ڳوٺن مان  سولر /ڏسو صفحو 2 ڪالم 2جون چويھ 24 پليٽون لاھي کڻي ويا پوليس چورين جھڙيون وارداتون  روڪڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ۔۔پوليس چوڪي جي لڳ ڳوٺ نصيرآباد ۾ سينئر صحافي ۽ ٻين جي گهرن مان سولر پليٽون چور چوري ڪري ويا۔انهن علائقن ۾  منشيات جا اڏا ۽ جئا ا اڏا کلي عام هلڻ لڳا ۔حد جي پوليس سماجي برائن کي روڪڻ  ۾ ناڪام علائقي واسين ۽ سول سوسائٽي  پاران  پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي محمد علي ڪلوڙ  ۽ ٻين ٻڌايو ته چورن جو آزاي وڌي ويو آھي. رات جو سمھڻ وقت چور گھرن  جي ڇتن تي چڙھي سولر پليٽون لاھي کڻي فرار ٿي وڃن ٿا ھنن چيو ته گذريل ٻن ھفتن دوران ڳوٺ نصير آباد مان 24 سولر جون پليٽون چور لاھي ويا آھن پر پوليس چورن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪري ھنن چيو ته سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد اندر سماجي برايون چوٽ چڙھيل آھين جنھن سبب چوريون وڌي وئيون  آھن سائيٽ  ٿاڻي ۽ آباد ٿاڻي  جي حد اندر جوئا ـ جا اڏا ـ منشيات وڪرو ٿي رھي آھي جنھن سبب ۔  پليٽون چوري ڪندڙ جوئا گر ۽ نشي آور نشائي ڳوٺن ۾ رات جو گھڙي سولر پليٽون چوري ڪري رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.