عثمان شاهه هڙي ويجهو نينگر کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، ويڪسين اڻلڀ

عثمان شاهه هڙي  (ن ع  آ) عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ  مال خان ٿِيٻو ۾داهنو پٽ رتن ڀيل  کي ڇتو ڪتو کائي ويو، جنهن کي پي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 2پي ايڇ آئي ڊسپينسري عثمان شاهه هڙي آندو ويو جتي رتن ڀيل موجب ته صبح جو  جڏهن هو 11:00 وڳي اسپتال ۾  پهتو  ته ڊاڪٽر موجود نه هو جنهن سبب سندس معصوم ٻار کي ويڪسين نه ملي.هوڏانهن  جڏهن اهيو معلوم ٿيو آهي ته اسپتال ۾ ڇتي ڪتي کائڻ جي ويسڪسين به موجود نه آهي جڏهن ته ڊاڪٽر پڻ  ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهي. جيڪو هفتي ۾ ٻه ڏينهن ايندو آهي هو ڏانهن اهيو معلوم ٿيو آهي  ته عثمان شاهه هڙي ۽ ڀر پاسي جي  وارين اسپتالن ۾ پي پي ايڇ آئي جي بيسڪ هليٿ سينٽرن  شاهنواز راجپوت ، الله رکيو پٺاڻ ، ٽنڊو سومرو ، بهار  خان مير جت ۾ ڇتي ڪتي کائڻ واريون ويڪسينون موجود نه آهن جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن.علائقي ۾ رولو ڪتن جو وڏو آزار آهي جن جي خاتمي ۽  هتان جي علائقائي اسپتالن ۾  ڇتي ڪتي واري ويسڪين مهيا ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.